SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Ethnic Cleansing

(click word to listen sound
  • 🔊
  • eθnikdʒəːmənemigrənt
  • klenziŋ
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Ethnic Cleansing

ايٿنڪ ڪلينزنگ

نسلي صفايو يا نسل ڪُشي

ڪنهن به مخصوص نسلي گروه طرفان ٻئي مخالف نسلي گروهه کي ڪنهن خاص علائقي مان بي دخل ڪندي هڪ نسل تي ٻڌل آبادي ءَ جو غلبو پيدا ڪرڻ لاءِ اختيار ڪيل ۽ ڳڻيل ڳوتيل پاليسي ، جنهن ۾ اڳرائي پسند ڌر طرفان طاقت ۽ تشدد جي زور تي پنهنجو مقصد حاصل ڪيو وڃي . عام طور اهو عمل اذيت ، اغوا، جبري نظربندي ، قتل ، عدالت کان مٿانهين ڪاررواين ، مخصوص علائقن ۾ آبادين کي واڙڻ ، شهري آباديءَ جي جبري ملڪ- بدري ، فوجي آپريشن يا اهڙي قسم جي آپريشن جي ڌمڪين ، مخالف نسل جي ماڻهن جي ملڪيت جي ساڙ ٻار ۽ جنسي ڏاڍائيءَ ذريعي ادا ڪيو وڃي ٿو . هي اصطلاح 1992ع ۾ عالمي خابرو ادارن ۾ يُوگوسلاويه جي حوالي سان تمام گهڻو ڪتب اچڻ سسب مشهور ٿيو ، پر اهو عمل ان کان اڳ به چالو رهيو آهي . جديد دور ۾ ’يُوگو سلاويائي گهرو لڙائيءَ ‘ وارن ڏهاڙن ۾ سرب اڪثريت طرفان بوزنيائي مسلم ٿورائيءَ خلاف ’نسلي صفايي‘ جي ڪارواين سڄي دنيا جو ڌيان ڇڪرايو . هي عمل سڄي دنيا ۾ غير مهذب ۽ انسان دُشمن سمجهيو وڃي ٿو ۽ بين الاقوامي قانون ۾ ان کي ’انسانيت خلاف ڏوهه‘ طور ڳڻيندي ذمي- وار ڌرين تي ’عالمي عدالت انصاف‘ سميت ٻين خاص عدالتن ۾ مقدما هلائي کين سزائون ڏنيون وينديون آهن.


Remember Me Also:

گهٽيون گهمڻ

نخرا ڪرڻ ، ناز ڪرڻ. واهيات نموني گهمڻ ، بي ڍنگي هلت وٺڻ. پرايا دَر ديکڻ ، شهر شهر ڦرڻ ، جُدا جُدا هنڌن تي تلاش ڪرڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal